جاگيراڻي برڪت علي جسٽس

جاگيراڻي برڪت علي جسٽس: جسٽس برڪت علي جاگيراڻيءَ قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1956ع ۾ وڪالت ڪرڻ سان ڪئي. مسلسل 29 سال وڪالت ڪرڻ بعد 1985ع ۾ ڪميشن ڏيئي تربت ضلعي ۾ سيشن جج ٿيو. اڳتي هلي 1995ع ۾ بلوچستان جو محتسب مقرر ٿيو. جتان رٽائر ٿيڻ بعد کيس بلوچستان جي ’جوڊيشل اڪيڊمي‘ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. پوري هڪ سال کان پوءِ کيس ڊرگ ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ مقرر ڪيو ويو. ساڍن ٽن سالن تائين ’فيڊرل سروس ٽربيونل‘ جو ميمبر رهيو ۽ ٽي سال بدين ۾ ’محتسب اعليٰ جو ريجنل ڊائريڪٽر‘1991ع کان 2001ع تائين ’فيڊرل سروسز ڪورٽ‘ ۾ جج هئڻ دوران هن نواز شريف جي حڪومت ۾ وفاقي کاتن مان برطرف ڪيل هزارين ملازمن کي ٻيهر بحال ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سان غريبن جون وساڻل چلهيون ٻيهر ٻريون. هن جو شاهه لطيف رح جي شاعريءَ سان بيحد لڳاءُ هو.

جسٽس برڪت اڪثر پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو هو. سادگي ۽ نهٺائي رکندڙ هيءُ اهل دل انسان اعليٰ عهدن تي هئڻ جي باوجود به پنهنجي زمين تي پاڻ پورهيو ڪندو هو، رٽائرمينٽ کان پوءِ هميشه ساڻس کجيءَ جي پنن جي ٺهيل ڇٻي هٿ ۾ هوندي هئس، جنهن ۾ آئينو، انگوڇو ۽ ڦڻي وغيره کڻندو هو ۽ گهڻو تڻو هڪ بيگ ۾ ساڻس 3 جوڙا ڪپڙن جا گڏ هوندا هئا. 2 مئي 2010ع تي وفات ڪيائين. هالا روڊ لڳ پير بلالي قبرستان ۾ دفن آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2010.05.02  عيسوي

جاگيراڻي برڪت علي جسٽس2 مئي 2010ع تي وفات ڪيائين . هالا روڊ لڳ پير بلالي قبرستان ۾ دفن آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد عطري
جادم جکرو
اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
پارپتي رامڪرشن آڏواڻي
عبدالستار ميمڻ
انيس فاطمه سومرو ڊاڪٽر
انور ضياءُ عباسي
ڄامڙو مريد علي ( راڳي)
خشڪ عبدالله
آڏواڻي سنيل سندر سنگھه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون